انگلنڊ جا اڍائي سال

انگلنڊ جا اڍائي سال (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب لعل محمد جوڻيجي جي ڊائريءَ، تاثرن ۽ خطن تي مشتمل آهي، جيڪي هن انگلنڊ ۾ رهائش دوران لکيا. هو برطانيا ۾ اڪائونٽس جي ڊگري حاصل ڪرڻ ويو هو، پر اتي حالتون هن لاءِ ناسازگار رهيون ۽ بنا ڊگري وٺڻ جي سنڌ موٽي آيو. برطانيا ۾ سمورو وقت افراتفريءَ ۾ گذاريائين. هن برطانيا ۾ سنڌ سان محبت جو ناتو قائم رکيو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، لعل جوڻيجي جي تعارف دوران هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته هي خط ۽ ڊائري بنا ڪنهن تصنع جي لکيل آهن، ڇوته هي شايع ٿيڻ لاءِ لکيل نه آهي، ان ڪري هنن ۾ جيڪو ڪجهه به لعل لکيو آهي، اهو سندس اندر جو اڌمو آهي. اهو اڌمو جيڪو ڪنهن به ٺاهه ٺوهه يا مصلحت آميزيءَ کان پاڪ آهي. هن برطانيا جي زندگيءَ جو سچو پچو عڪس چٽيو آهي ۽ منافقي نه ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب اروڙ اشاعت گهر، سکر پاران 1986ع ۾، رشيد ڀٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 346 صفحن جي ڪرائون سائيز ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو